اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آه?? ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر ??ڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪريسي پاران خدمتن جي فراهمي بهتر ??ڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيوروڪريسي ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ محنت ۽ اخلاص سان ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ سرڪاري عملدارن کي وقت سر فيصلا وٺڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته اسان کي بهتر ??خلاق ۽ انڪساري جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي کي نظام بهتر ??ڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاسازي جي لاءِ آفيسر پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪن جڏهن ته عوام جي خدمتن تائين پهچ بهتر ??ڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي پنهنجي شعبي جي جديد مهارتن سان ليس ڪن ۽ تيز رفتا?? ترقي جي لاءِ ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائين.