اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس (ايل آئي ايم ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. تقريب ۾ ناڻي، منصوبابندي ۽ ت??قي، نيشنل فوڊ سيڪيو??ٽي اينڊ ريسرچ، اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومت جي چيف سيڪريٽرين، زر??ي ماهرن ۽ سينيئر فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 36.9 سيڪڙو پاڪستاني غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ انهن مان 18.3 سيڪڙو کي خوراڪ جو شديد بحران درپيش آهي. موجوده غذائي عدم تحفظ، وڏي پئماني تي غذائي کوٽ ۽ زر??ي مصنوعات جي وڌندڙ درآمدي بل سان گڏوگڏ آبادي ۾ اضافي ۽ مستقبل جي گهريلو غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قومي، سياسي، اقتصادي ۽ فوجي قيادت ان اهم مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ نتيجاخيز قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايل آئي ايم ايس جو قيام پهريون غيرمعمولي قدم آهي جنهن جو مقصد غذائي تحفظ کي وڌائڻ ۽ زر??ي روانگي واپار کي بهتر بڻ??ئڻ آهي ۽ اهڙي طرح ملڪ جي اندر لکين ايڪڙ غيرپوکيءَ شده/ گهٽ پيداوار واري زمين کي تبديل ڪري قومي ناڻي تي درآمدي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. هي جديد ترين نظام جديد ٽيڪنالاجيز ۽ زمين جي زر??ي ماحولياتي صلاحيت تي ٻڌل پائيدار دوست زر??ي طريقن ج?? ذريعي زر??ي پيداوار کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته ڳوٺاڻي آبادين جي ڀلائي ۽ ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻ??ئيندو. جي آءِ ايس تي ٻڌل ايل آئي ايم ايس زر??عت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي منظم ڪري قومي زر??ي پيداوار کي بهتر بڻ??ئيندو، ريموٽ سينسنگ ۽ جاگرافيائي ٽيڪنالاجيز ج?? ذريعي مقامي آبادگارن کي مٽيءَ، فصل، موسم، پاڻي وسيلن ۽ جيتن جي نگراني بابت وقت سر صحيح معلومات فراهم ڪندو ۽ گڏوگڏ موثر مارڪيٽنگ جي نظام ج?? ذريعي مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪندو.