اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اج??اس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربرا??ه اج??اس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سربرا??ه اج??اس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب سربرا??ه اج??اس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اه?? فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.