اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن لاءِ خد??تن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيندي انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر پهرين جون تي سنگوان بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عنايت الله ۽ حسنين اشتياق جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 3 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ ??ان?? نائيڪ معراج الدين جي والد سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 4 جون تي م??ر علي ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ ظه??ر عباس جي والد سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 4 جون تي جاني خيل ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد انور ۽ نائب صوبيدار غلام مرتضيٰ جي وارثن سان ??ڻ ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 5 جون تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ ??ان?? نائيڪ صابر جي پونئيرن سان پڻ رابطوڪيو. صدر سمورن شهيدن جي وطن جي لاءِ خد??تن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيو ۽ شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.