اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي رسالپور مان پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي ??راج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پ??س آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي ??راج تحسين پيش ڪندي ڪيڊٽس جي پريڊ جي وڊي?? به شيئر ڪئي ۽ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو شعر ”يا رب دل مسلم ڪو وه زندهه تمنا دي، جو ڪل ڪو گرما دي جو روح ڪو تڙپا دي“. لکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪ فضائيه جي ڪيڊٽس پاران فضائي مظاهري جي وڊي?? به شيئر ڪئي ۽ علامه اقبال جو هڪ ٻيو شعر ”تو شاهين هي پرواز هي ڪام تيرا، تيري سامني آسمان اور بهي هين“. لکيو.