ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو ??عزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي مو??ب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ??يوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو ??عزاز پڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو ??عتراف آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو ??ڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو ??ظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.