اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز شريف خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگوڌا پهچندي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مريم نواز شريف سڀاڻي 24 فيبروري تي سرگوڌا ۾ تنظيمي ا??لاس جي صدارت ڪندي. اجلاس ۾ پ??رٽ?? جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پ??رٽ?? جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ??يڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي آهي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊ??يز?? جا دورا ڪري چڪي آهي.