ا??لا?? آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ??ي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊرس ريجن ??ي صدر جان جيمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ ??ي پرڏيهي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر ??ي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن ??ي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.