اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ا??عربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳا??هه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳا??هه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳا??هه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ا??نگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي ا??ٽرويو ڏيندي ا??و م??قف بلڪل واضح ڪيو.