اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ ??وڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت واري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي ??ان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان مح??وم ڪيو ويو هو?? مقبول احمد ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن ج?? سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي ??ان ٽيڪنيڪل اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙن موجب ڪلينيڪل ۽ ??ان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽ?? سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاق?? سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ??يڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي ??ان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان مح??وم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ ??ان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.