ڪراچي – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻه?? جي لاءِ ذهني نقطه نظر ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ انه?? جي شموليت، قبوليت ۽ پهچ کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي. اها ڳالهه هن نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ فار پيپل ود ڊس ايبليٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ گر??جو??يش?? جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. گر??جو??يش?? جي تقريب ۾ مختلف ٽريڊز ۾ فني ۽ ووڪيشنل ڪورسز مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ثمينه عارف علوي چيو ته معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ اسا?? جي گڏيل ذميواري آهي ڇو ته اها جسماني يا ذهني معذوري نه آهي جو خصوصي ماڻه?? جي واڌويجهه ۽ اڳتي وڌڻ جي امڪانن ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي خصوصي ماڻهن بابت گڏيل قوم?? جي ڪنوينش?? جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون موجود آهن جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا انه?? جي سهولت، انه?? جي حق?? جي تحفظ ۽ ايجنڊا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. خاتون اول چيو ته سمورين ڌرين کي ??انونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي ??قيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي ??ڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته خصوصي ماڻهن سان امتيازي رويي کي ختم ڪيو وڃي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ انه?? جي سماجي ۽ مالي شموليت کي ??قيني بڻايو وڃي ۽ ان کي ??روغ ڏنو وڃي. بيگم علوي چيو ته اسان کي روايتي تعليم سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن کي ??ارڪيٽ تي ٻڌل فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ثمينه عارف علوي خصوصي ٻارن کي روزگار تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي ??وڪريون حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪرڻ تي اين او ڊبليو پي ڊي پي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته خصوصي ادارن کانسواءِ خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ به تعليم ۽ تدريس جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي آگاهي پکيڙين ۽ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي خيال کي ??روغ ڏيڻ ۽ نامناسب زبا?? جي استعمال کان پاسو ڪن. ان موقعي تي اين او ڊبليو پي ڊي پي جي صدر امين هاشواڻي خطاب ڪندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن کي ??ومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جن ۾ ٽيڪسٽائيل ليب، ڪمپيوٽر ليب ۽ آرٽس گيلري شامل آهن. آخر ۾ ثمينه عارف علوي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا جڏهن ته انسٽيٽيوٽ انتظاميا معزز مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو.