منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي ي??نٽ 5 ۽ 6 جي ر??فر??شمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ر??فر??شمنٽ جي منصوبي تحت سمورن ي??نٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ر??فر??شمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين ي??نٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ر??فر??شمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم ي??نٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ??ائ??ي??ٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.