اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پ??ڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪار??يٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دو??ان ساڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پ??ڪ بحريه لاءِ پهرين ڪار??يٽ پي اين ايس بابر جي لانچن?? تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو.