اسلام آباد- 18 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سم??جي ڀلائي واري وفاق?? وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خان??ان?? ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي رقم انهن خان??ان?? ۾ ورهائجي چڪي آهي. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پن??نج?? خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ڳورهارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن، شازيه مري چيو ته تقريبن 4 ملين ٻار صحت جي خدمتن تائين پهچ کان محروم آهن، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪردار کي ساراهيندي وفاق?? وزير چيو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي پاڪستان ۾ صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 15 ضلعن ۾ ”مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام“ ”نشو نما“ جوڙيو آهي، هي پروگرام بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ پهرين کان داخل ٿيل ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي هڪ جامع پيڪيج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ ويم، کير پياڪ ۽ ننڍن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي طريقن بابت آگاهي سيشن، پي ايل ڊبليو ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي خاص غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي، وقت کان پيدائش ۽ پوءِ جي پيدائش جي سارسنڀال جون خدمتون، معمول موجب ٻارن جي نشو نما جي نگ??اني ۽ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس شامل آهي. وفاق?? وزير شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي ڪمرشلائيزيشن جي حڪمت عملي جي رول آئوٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، وڌيڪ ڊبليو ايف پي مستحقين کي بينظير نشو نما پروگرام کان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي پڻ ڪم ڪري رهي ته جيئن ڊبليو ايف پي کانسواءِ پڻ پاڪستان پن??نج?? صحت جي نظام جي اندر اسٽنٽنگ جي روڪٿام لاءِ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ ايندڙ آفتن لاءِ بهتر حڪمت عملي لاءِ تيار آهي پر دنيا کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي وقت ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت آهي جيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آبادي کي متاثر ڪندي آهي.