اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو ي??نيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئم??س فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب م??لڪ??ي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو ي??نيورسٽي جي شاگردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئم??س فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ م??لڪ??ي وزير پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.