اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي 2022ع ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪ?? لاءِ آمريڪا رواني ٿي ??ئي. هوءَ ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي سي ڊبليو اين واءِ سي 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت مطابق شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ ۾ پاڪستان کي درپيش ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سڄي دنيا کي آگاهه ڪندي. شيري رحمان مختلف م??ڪن ۽ شراڪتدارن سان پري ڪاپ 27 ملاقاتون پڻ ڪندي. وفاقي وزي?? وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي وفد سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. شيري رحما?? يو اين جي اي اجلاس ۾ شرڪت سان مختلف م??ڪن جي وزيرن، نمائندن ۽ عالمي ادارن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي.