اسلام آب??د ?? 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان کڻي گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ 4 اڏامون گذريل ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي امدادي سامان سان ڀريل ٻه اڏامون ڪراچي ۾ لٿيون. سومر جي رات يو اين ايڇ سي آر جون 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ??ڪي??ن آهن. ٻيون ٻه اڏامون گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي آيون آهن. هيستائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان 37 اڏامون پاڪستان آيون آهن. ترجمان ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿو??ن سان آجيان ڪئي آهي.