فيصل آباد – 04 8211; آگسٽ (اي پي پي) حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خطي جي اڳوڻي آ??يني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿاري، آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي علي عباس خان اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز اٿاري. هن چيو ته عالمي دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي بند ڪرا??ڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي اڳوڻي آ??يني حيثيت بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ان کي حاصل ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪشمير جي آ??ادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين ڀائرن سان گڏ آهيون انهن سان گڏ بيٺل آهيون. انهن جي سفارتي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.