اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ?? معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيشن جي تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ا??وت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ا??وت جي منصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ ا??وت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخوت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ ا??وت جي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، هن چيو ته تازو ئي اخوت چ??وال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخوت جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.