اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو ??واهشمند آهي، اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر خ??لد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ت?? پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو ??عليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو ??عداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.