لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان معاشري جي ڪمزور طب??ن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طب??ن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاهه لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موج??د آهي ۽ اهي پناهگاهون تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل ??هن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آهن.