اسلام آباد ?? 27 ??سمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ روينيو شعبي ۾ سڌاراجاتي عمل ۽ پي ايس ڊي پي تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.