لاهور-26 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو هئڻ گهٽ شرح خواندگي ۽ ڪووڊ جي وبا دوران تعليم جو نقصان سنگين مسئلن ۾ شامل آهي، جن ل??ءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. مقامي هوٽل ۾ جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي جائيڪا جي پهرين جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ميٽنگ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جائيڪا جي چيف نمائندن، صوبائي سيڪريٽريز مئنجمينٽ سميت مختلف ادار?? جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اسڪول نه ويندڙ 78 سيڪڙو ٻارن جون عمريون 10 کان 16 سال?? جي وچ ۾ آهن، جن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ هڪ چئلينج آهي. هن جائيڪا جي تعليم جي حوالي سان مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو ۽ ٻُڌايو ته غير رسمي تعليم صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته هو غير رسمي تعليم تي توجهه ڏين جنهن ل??ءِ اسان کي بهترين رابط?? جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي گهر ۾ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ، وڏي عمر جي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ، لرننگ ليول کي ڪيئر ڪرڻ ۽ـ لرننگ ل??ءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ٽيچرز جي ڊيوٽي تي موجودگي ۽ ليڪچر جي مانيٽرنگ جي ل??ءِ مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران ٽيلي اسڪول سسٽم شروع ڪرڻ سان حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سان لرننگ ٽي وي چينلز شروع ڪرڻ ل??ءِ ڪم ڪيو. هن جائيڪا جي وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ڊپارٽمينٽ سان گڏ ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي نصاب ل??ءِ ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪ ۾ تعليم جي ميدان ۾ انقلاب ايندو. هن چيو ته جيڪي ٻار 10 سال جي عمر ۾ غربت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري اسڪول ڇڏي وڃن ٿا انهن ل??ءِ اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهن ٻارن کي اسڪلڊ بيسڊ ٽريننگ فراهم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن والدين انهن کي هنرمند بنائڻ سان گڏ تعليم پڻ فراهم ڪري سگهن. هن ان ضرورت تي زور ڀريو آهي ته ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي پڻ جنرل ايجوڪيشن جو حصو بڻائڻ گهرجي. ان کان ??وا??ِ اسان کي ريسرچ بيسڊ پاليسي جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان جا فيصلا پڻ ريسر?? جي بنياد تي هئڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح اسيسمينٽ جي طريقي کي پڻ ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران فاصلاتي تعليم جي اهميت ۾ واڌ ٿي، حڪومت نان فارمل ايجوڪيشن تي توجهه ڏئي رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ تعليم ذريعي اڳتي جي ترقي ڏئي سگهجي، هن چيو ته ”ميٽرڪ ٽيڪ“ لرننگ پروگرام والدي?? جي تعليم تي توجهه ڏيڻ وارن طرف پڻ هڪ وڏو منصوبو آهي. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته جائيڪا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان غير رسمي تعليم کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ تعاون ڪندو رهندو. ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ۽ غير رسمي تعليم جي ادار?? جي نمائندن پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي ۽ تجويزون پيش ڪيون. جوائنٽ سيڪريٽري وفاقي وزير تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ وسيم امجد چڌر ان موقعي تي جائيڪا جي عملي پراجيڪٽ کي ساراهيو.