ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي ام??اد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو ??يو آهي ته انساني بنيادن تي ام??اد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله م??اه?? پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??يو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن ??يو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ ??يو ته انساني ام??اد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن ??يو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي ام??اد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي ام??اد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن ??يو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي ام??اد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن ??يو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن ??يو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين م??قع?? سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.