اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتم??د دوست آهن ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏ??ل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي ياد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ڊان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ??ڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا هئا. تقريب ۾ ٻنهي ??لڪن جي پرڏيهي ??زارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ قابل اعتم??د دوست ۽ ٻنهي ??لڪن جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته اسان جا لاڳاپا گڏ??ل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ??لڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ڊان پرموڊونائي ان موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪن جي ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو و??جاءُ ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا. گڏيل لوگو جي نقاب ڪشائي کانسواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي موضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.