اسلام آباد – 08 ̵1; آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ??اڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عم??دارن ۽ عم??ي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عباد?? سان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سير?? سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان جي لاءِ رول ??اڊل آهي، اسان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري اسان جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ??اڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.