اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام تي يقين ??کي ٿو، بااختيار بلدياتي حڪومتن جو نظام پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي، آرٽيڪل 140 اي لاڳو نه ٿيڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، لوڪل گورنمينٽ نظام نه هجڻ جي ڪري صوبن جا پئسا برابري جي بنياد تي ضلعن ۾ خرچ ناهن ٿيندا، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کان مٿي ط??ف ڏسڻو پوندو، اسان جي شهرن ۾ بينادي مسئلو گورنننس جو آهي، جيستائين ??سان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ??ه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، صوبن ۾ پروونشل فنانس ڪميش?? ايوارڊ نه هجڻ جي ڪري ضلعن ۾ شڪايتو?? اينديون آهن، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪومتن جي حوالي سان قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين ??کي ٿو ته مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام کانسواءِ ملڪ جو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته تاريخ کي ڏسون ته مطلق العنان بادشاهت کان جمهوريت طرف سفر آهستي آهستي ط??ي ٿيو، 1216ع کان 1226ع تائين ميگنا ڪارٽا جي دور کانپوءِ جديد جمهوريت سامهون آئي، هندستان ۾ 1857ع تائين ??زادي جي جنگ ٿي، ان وقت بادشاهه کي ذي السبحاني چيو ويندو هو، حڪومت ۽ ماڻهو ذي السبحاني ط??ف ڏسندا رهندا هئا، اطلاعات واري وزير چيو ته 16 هين ۽ 17 هين ??دي ۾ جديد جمهوريت آئي، بل آف رائٽس منظور ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته ٽيڪس جو پئسو بادشاهه پنهنجي مرضي سان خرچ نه ڪري سگهندو، ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار چونڊيل نمائندن کانسواءِ ممڪن نه هوندو، ٽيڪس ان وقت لڳندو جڏهن عوام جا چونڊيل نمائندا اجازت ڏيندا. ان جمهوريت جو آغاز 17 هين ??دي کان برطانيه جي پارليامينٽ مان ٿيو، اهڙي ط??ح بادشاهه جا اختيار گهٽ ٿيندا ويا. هن چيو ته مقامي حڪومت جي نظام جي جديد شڪل ۾ عوام بااختيار ٿيندي وئي، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کانم ٿي ط??ف ڏسڻو پوندو، ان جي لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام ئي بهترين نظام آهي. ان جو چوڻ هو ته 2006ع ۾ مقامي حڪومتن جو نظام شروع ٿيو ته ان ۾ هڪ خامي اها هئي ته صوبن جا اختيارن ته منتقل ڪيا ويا پر وفاق جا اختيار منتقل نه ڪيا ويا، صوبن جي تمنا رهجي وئي ته انهن وٽ ڪجهه ناهي، پوءِ 18 هين ??رميم تحت صوبن کي منتقل ٿيندڙ اختيار هيٺ کان مٿي منتقل ڪيا ويا، اهڙي ط??ح اختيارن جي منتقلي جو جيڪو فائدو ٿيڻ گهربو هو اهو نه ٿي سگهيو. هن چيو ته گورننس ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آرٽيڪل 140 اي تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي، ان آرٽيڪل (140 اي) تحت سڄي پاڪستان مان ٽيڪس گڏ ٿي وفاق وٽ ايندو آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران 60 سيڪڙو ٽيڪس صوبن ڏانهن هليو ويندو آهي، 23 سالن ۾ صرف پنجاب کي تقريبن 2300 کان 2400 ارب منتقل ٿيا، سنڌ کي تقريبن 1700 ارب روپيا ويا، بلوچستان جي آبادي فيصل آباد ڊويزن جي آبادي جي لڳ ڀڳ آهي، ان کي تقريبن 700 ارب روپيا ويا، اهڙي ط??ح خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 900 کان 1000 ارب روپيا ويا، هن چيو ته مقامي حڪومتن جي سڀ کان وڏي مخالفت چيف منسٽرز طرفان اچي رهي آهي. هن چيو ته هڪ مسئلو اهو درپيش آهي ته وفاقي حڪومت کان پسئو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ چيف منسٽر آفيس ۾ ڦاسجي ويندو آهي، ٻي مرحلو اهو آهي ته ايم اين ??يز ۽ ايم پي ايز راضي ئي نه آهن ته هو پوليس، ٺيڪيدار ۽ پٺواري کان مٿانهين ??وچ رکن. هن چيو ته جيستائين ??سان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته سنڌ مان هڪ طرف 1700 کان 1800 ارب روپيا اين ??يف سي ايوارڊ جي مد ۾ ڏنا ويا پر ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت هڪ روپيو خرچ ناهن ڪندي اتي جا ماڻهو چون ٿا ته اسان پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي، وفاقي حڪومت 1100 ارب روپيا ڪراچي ۾ لڳايا، هن چيو ته اسلام آباد کان ويهي ڪراچي جا مسئلا ڪهڙي ط??ح حل ڪري سگهجن ٿا، ان جو واحد حل مقامي حڪومتن جو نظام آهي، هن چيو ته هن وقت اين ??يف سي ايوارڊ تحت پئسا صوبن ۾ ورهايا ويندا آهن پر صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميش?? ايوارڊ ئي ناهي هوندو، خيبرپختونخوا ۾ هڪ نظام جوڙيو ويو پر باقي ٽنهي صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميش?? ايوارڊ نه ٿي رهيو آهي، ان سان ضلعن جي ط??فان شڪايتو?? اينديون آهن، هن چيو ته ماضي ۾ شهباز شريف اين ??يف سي ۾ ملندڙ پنجاب جو وڏو حصو صرف لاهور تي خرچ ڪري ڇڏيو. 260 ملين ڊالر صرف لاهور ٽرين ??ي لڳائي ڇڏيا، ان جو ڀاڙو به پورو نه ٿي رهيو، جهلم، ليه، چڪوال جي حصي جا پئسا لاهور ۾ ڏنا پئي ويا، هن چيو ته ايران تي پابندين ??ي باوجود تهران ساليانو 500 ملين ڊالر پنهنجي ماڻهن تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي ط??ح ممبئي هڪ ارب ڊالر ساليانو گڏ ڪندو آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جي شهرن ۾ بنيادي مسئلو گورننس جو آهي، هن جو چوڻ هو ته مقامي حڪومتن جو هڪ مضبوط نظام پاڪستان جي آئين ??ي ڊمانڊ آهي، پاڪستان جي ماڻهن جي مسئلن جو حل مقامي حڪومتن جي نظام ۾ آهي. مستقبل جي ان نظام جي لاءِ پاڪستان جي هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهن کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن.