اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نج??ار?? بابت ذيلي ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نج??ار?? تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نج??ار?? بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نج??ار?? وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره ج??تي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نج??ار?? جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نج??ار?? تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نج??ار?? بابت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به ج??ئزو ورتو ويو.