اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اس??ائ??لي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطين جي مسئلي جي پائي??ار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظ?? عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.