اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعدم تنظ??م جي منفي پروپئگنڊه مايوس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظ??م جي مظاهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي ه??ي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جه??نگ??ر ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جه??نگ??ر ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.