اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه ط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽ?? احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه ط??في لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فو??ي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.