اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي ??لاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آ??ي، قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگ??ي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي پسماندگي جو سبب انهن جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آ??ي، او??هه ملڪ اسلامي ??لاحي نظام جو اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ته مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، او??هه کي باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آ??ي، عالم سڳ??رن کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم سڳ??را ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرحمان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳ??رن جو تمام اهم ڪردار رهيو آ??ي، عالم سڳ??رن باباءِ قوم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي اسلامي ??لاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ جي لاءِ عالم سڳ??رن جو تمام اهم ڪردار آ??ي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو سڄي دنيا جي لاءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسلمان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو سال اڳ او??هه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته او??هه ۾ مسلمان ته نه هئا پر اسلام تمام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسلمان ته تمام گهڻا آهن پر اسلام نه آ??ي، ماضي ۾ مسلمانن جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اسلام قبول ڪندا هئا پر بدقسمتي اسان ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي اسان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم سڳ??رن کي ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته او??هه ۾ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍي اسلامي دهشتگردي ۽ اسلامي انتهاپسندي جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳا??هه جو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ مسلمان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسلمان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آ??ي، دين ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آ??ي، او??هه ۾ ڪڏهن مسلمان ليڊرن پاران ان جي وضاحت نه ڪئي وئي.