اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ڪنه?? به صورت ۾ صوبي جو اق??دار نه ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ بي تاب آهي، سياسي اداڪار نواز شريف اڳوڻي وزيراعظم جوڻيجو جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خا?? سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، آءِ جي آءِ جي پليٽ فارم تان نواز شريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقب?? سان نوازيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.