ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪابل جي صدارتي محل پهچي ويو جتي افغان صدر اشرف غن?? وزيراعظم عمران خان ۽ س??دس وفد جي آجيان ڪئي صدارتي محل پهچڻ ت?? وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. افغان صدر اشرف غني ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدارتي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪابل پهچڻ تي افغان جو پرڏيه?? وزير محمد حنيف اتمر ۽ افغان صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نمائندو محمد عمر دائود زئي ۽ س??نئر عملدارن وزيراعظم عمران خان ۽ س??دس وفد جي آجيان ڪئي.