اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين ج?? عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي ج?? هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير س??ني??ر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي ج?? جلد فراهمي ج?? طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.