اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته صحت مند ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ عورتن جو صحت مند هجڻ ضروري آهي، ڇاتي جي ڪينسر ??ي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي، عورتن ۾ بيماري جي حوالي سان شعور آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ خاص طور تي پارليامينٽ جي عورت ميمبرن کي پنهنجو خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اها ??ال??ه هن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۽ واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي سينيٽ ?? قومي اسيمبلي جون عورت ميمبرن سميت معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو.