اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي ??ار??خ جو اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان جي ??ار??خ جو هڪ نه وسرندڙ سانحي، تمام وڏي نقصان کي 10سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته اهو هڪ اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو هو ج??هن جي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي ڏکوئيندي رهي آهي. وز??راعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 مع??وم جانين کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار شهيد ٿيلن ۾ اڪثريت مع??وم ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍي عمر ۾ اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا. هن چيو ته ا??هن جي زندگي، ا??هن جا خواب، ا??هن جون اميدون ۽ ا??هن جو مستقبل اسان کان ڇنيو ويو، وز??راعظم چيو ته ان سانحي کي ڀلي ڪيترو به وقت گذري وڃي پر ان مع??وم ٻارن جي جدائي جي صدمي کي ميٽي نٿو سگهجي. ا??هن معصوم ڪلين، ان ڏي??هن برداشت نه ٿيڻ جوڳي ظلم ۽ ڏاڍ جو م??هن ڏٺو ۽ شهادت ماڻي. ا??هن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃايو آهي، جن جي جگر جا ٽڪرا ڦريا ويا، ا??هن جي ڏک ۽ تڪليف ڪ??هن به طور تي گهٽ نٿي سگهي ٿي. هن چيو ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ ان جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن جو نه دين سان ڪو تعلق آهي نه ئي مع??شرتي قدرن سان ، پرڏيهي ملڪ دشمن جي ڏڍ تي اهي بزدل مع??وم پاڪستانين کي پنهنجي مڪروه مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نشانو بڻائين ٿا. پوري قوم ان بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله بيٺل رهندي. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم اسان جي ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ ا??هن جي ڪٽنبن جي قربانين ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به ملڪ دشمن ڌرين سان پوري همت ۽ جوانمردي سان وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون جتي ڪ??هن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه پهچي، ڪ??هن به ٻار کي خوف ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪ??هن به ناانصافي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيڪو هڪ واعدو آهي، جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي. اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرن ۽ شهيدن جي قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته ا??هن جون جانيون رائيگان نه وينديون،ا سان ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ اسان ڪڏهن به مع??ف نه ڪنداسين.