اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي وقتي وز??ر خليل الرحمان حقاني جي مارجڻ ۽ ڪابل ۾ افغان پناهگيرن جي وزارت ۾ دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهرو صدمو پهتو ??هي. نائب و??يراعظم سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي دلي تعزيت پيش ڪن??ي چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي بنا ڪنهن فرق جي مذمت ڪري ٿو. نائب و??يراعظم چيو ته اسان وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جي لاءِ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهيون.