اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفا??ي وزير احسن اقبال جي صد??رت هيٺ سي پيڪ رٿائن ۾ اڳڀرائيءَ جي حوالي سان اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار طارق فاطمي، منصوبا بندي وز??رت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن، مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز سميت مختلف اهم شعبن ۾ جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو. ريلوي وز??رت ۽ مواصلات ايم ايل-1 ۽ قراقرم هاءِ وي منصوبن جي موجوده اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني ۽ ايندڙ لائحه عمل جو خاڪو پيش ڪيو. ايم ايل-1 منصوبي جي حوالي سان وفا??ي وزير چيني وزيراعظم طرفان فني ماهرن جي پاڪستان آمد جي وعدي کي ساراهيو. هن ٻُڌايو ته چيني سفير سان ويجهڙ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ماهرن جي ٽيم جي شمولت تي به اتفاق ٿيو هو ته جيئن منصوبي جي سمورن معاملن کي وقت سر حل ڪري سگهجي. قراقرم هاءِ وي منصوبي تي ڳالهائيندي وفا??ي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي چيني ڀائيوارن سان تعاون کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي ته جيئن هي اسٽريٽجڪ منصوبو سي پيڪ فيز ٽو تحت وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي جي حوالي سان احسن اقبال چين جي فني سگهه ۽ مه??رت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان چين سان ٻه ماڊل صنعتي زونز جي ترقي جي درخواست ڪ??ي آهي جيڪا ٽرن جي بنياد تي مڪمل ڪيا ويندا ۽ ٻين زونز لاءِ معيار جو تعين ڪنداسين. هن بورڊ آف انويسٽمينٽ کي اسلام آباد ۾ زونز جي ترقيءَ لاءِ زمين کي حاصل ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وفا??ي وزير رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ بجلي جي فراهميءَ لاءِ پاور ڊويزن ۽ پيسڪو کي فوري قدمن کڻڻ جي هدايت ڪ??ي. گوادر ۾ ٽيڪس ڇوٽ جي حوالي سان اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ايڪٽ تحت چائينا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني ۽ ٻيا فري زون ڪاروباري ادارا ٽيڪس ڇوٽ جي اهل آهن. ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. زراعت جي شعبي ۾ هزار تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي چين ۾ تربيت جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. احسن اقبال هدايت ڏني ته تربيت لاءِ ويندڙ ماهرن کي مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن زور ڀريو ته چونڊيل شاگرد جديد ??رع?? ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ۾ مه??رت حاصل ڪندا ۽ پاڪستان جي ??رع?? شعبي کي جديد بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. رمضان المبارڪ دوران حلال کاڌن ۽ خاص انتظامن جي به هدايت ڏني وئي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفا??ي وزير سي پيڪ رٿائن جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جلدئي فائيو ايز نيشنل اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪندو جيڪو ملڪي ترقيءَ جو هڪ مربوط خاڪو فراهم ڪندو.