پشاور-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرم ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال بابت خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊ?? جي دعوت تي رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين، قومي وطن پارٽ?? جي اڳواڻ آفتاب شير پائو، جماعت اسلام?? جي پروفيسر ابراهيم عنايت الله ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن انجنيئر امير مقام، مولانا لطف الرحمان، محمد علي شاهه باچا، محسن داوڙ، سڪندر شير پ??ئو شرڪت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو . اي پي س?? جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بدامن?? جي روشنيءَ ۾ اي پي سي جو بندوبست وقت جي گهرج هئي. گورنر چيو ته ڪرم جي صورتحال سڀني آڏو آهي، بدامني صوبي ۾ پنهنجو ديرو ڄمائي ورتو آهي، بدقسمتيءَ سان صوب?? جي حالتن تي اسيمبليءَ ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي. هن چيو ته ٿيڻ اهو گهرجي ها ته اي پي سي جو بندوبست صوبائي حڪومت ڪري ها پر ان امن امان جي صورتحال تي اڄ تائين بحث به نه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اي پي سي گهرائڻ تي گورنر جي قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته عوام جي مسئلن جو حل ڪي پي ڪي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جا وسيلا احتجاج ۽ ڌرڻن تي خرچ ٿي رهيا آهن، اي پي سي ۾ ڪي پي ڪ?? جي حقيقي قيادت شريڪ آهي، ڪي پي ڪ?? جي عوام لا??ِ پي ٽي آءِ حڪومت ڪجهه به ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست ڪري رهيو آهي، سندس صوب?? جي امن امان لا??ِ ڪا ڳڻتي ناهي. ڪرم ۾ لا?? ڪريا هئا ۽ هو اسلام آباد تي چڙهائي ۾ مصروف هو. ٻي طرف خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪي پي ڪي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد چيو ته صوبي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي. هن چيو ته سنگين نوعيت جي مسئلن باوجود پي ٽي آءِ مسئلن تي ڳالهائڻ نٿي چاهي.