اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي ??ئنڪ ??رفان پاڪستان جي لڳاتار معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ عالمي ??ئنڪ ??ي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي اڳواڻيءَ ۾ عالمي ??ئنڪ ??ي ٽيم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت لاءِ عالمي ??ئنڪ ??ي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ عالمي ??ئنڪ ??ي مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيندي حڪومت طرفان مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حوا??ي سان مضبوط، فعال ۽ شفاف ٽيڪس پاليسي فريم ورڪ جي قيام جي ڌيان ڏنو ويو. عالمي ??ئنڪ ??ي ٽيم بجيٽ سازيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ فني معاونت جي آڇ ڪئي جنهن ۾ جديد ??ري??ا اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن عوامي مالياتي انتظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهين ۾ قرضن جي اثرائتي انتظام۽ بندوبست جي انتظامي نظام جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن مالي پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ زرعي آمدني جي ٽيڪس نظام، جي ايس ٽي جي حوا??ي سان صوبن سان هم آهنگي ۽ قومي ٽيڪس ڪائونسل جي فعال ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي ??ئنڪ ??ي ڪنٽري ڊائريڪٽر حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوا??ي سان قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم شعبن ۾ عالمي ??ئنڪ ??ي لڳاتار حمايت جي خاطري ڪرائي. هن اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترقياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ عالمي ??ئنڪ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي ??ئنڪ ??ي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.