اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، ??او??پنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نماز ۾ وزي??اع??م سان گڏ نائب وزي??اع??م ۽ پر??يه?? وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزي??اع??م چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزي??اع??م چيو ته مون سميت پوري قوم احتجاج دوران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.