ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آبا?? ۾ ??اهراه سرينگر تي رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پا??ان جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو آهي، ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آبا?? ۾ ??ينجرز ۽ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آبا?? ۾ ??هادت جو مرتبو ماڻيندڙ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شهيد ا??لڪارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به پرامن احتجاج جي حق، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي.