اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) قائداعظم يونيورسٽي جي ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبي جي شاگرد?? جي هڪ وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وفد کي اداري جي آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏني وئ??. شاگرد?? جي دوري جو مقصد اي پي پي ۾ خبر?? جي تياري، متن، فوٽو ۽ وڊيوز سيڪشن سميت مختلف پليٽ فارمز بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ق??ئداعظم يونيورسٽي جي شاگردن کي قومي مفاد?? جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ??سٽريٽجڪ ميڊيا اداري جي طور تي پاڪستا?? جي بهترين مفاد ۾ قومي بيانيي جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جعلي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ اي پي پي سنسني خيزي جي مشق ۾ ملوث ٿيڻ کانسواءِ مستنند ۽ معتبر مواد ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو. هن ??اگردن کي ماڊرن نيوز فائلنگ سسٽم جي ذريعي مختلف شعبن جو احاطو ڪندڙ پيشيور صحافي?? جي ٽيم جي ذريعي اي پي پي جي قومي ۽ عالمي پهچ کان آگاهه ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي قومي سلامتي جي ڏس ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن ۽ مختلف سياسي منظرنام?? جي ڪوريج ۾ اي پي پي پاران توازن کي برقرار رکڻ بابت شاگرد?? جي سوالن جا جواب ڏنا. قائداعظم يونيورسٽي جي وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب جي قيادت ۾ شاگردن اي پي پي جي مختلف سيڪشنز، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، انگلش رپورٽنگ، فارن اينڊ اڪنامڪ ڊيسڪ، اردو نيوز سروس، وڊيو نيوز سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو. بعد ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ق??ئداعظم يونيورسٽي جي شاگرد?? جي وفد جي قيادت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثما?? خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪرائيم رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر آءِ ٽي عدنان بخاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.