لاھور-13 نومبر (اي پ?? پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آھي ته مھرباني اھا روشن?? آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي، خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. اربع ڏينهن مھرباني جي عالمي ڏھاڙي تي جاري ڪيل پنھنجي پ??غام ۾ وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ڪنھن جو حال اورڻ، ڪنھن کي دلاسو ڏيڻ ۽ مسڪرائي ڳالھائڻ به نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي سنت مبارڪه آھي، مھرباني اھڙي پ??شيده طاقت آھي جنھن جو اثر دل ۾ محسوس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن، مھرباني اھا روشن?? آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي. ھن چيو ته خواھش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ٿئي ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. مريم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ماڻھو مھرباني ک?? زندگي جو حصو بڻائين ته جيئن ايندڙ نسل کي بھتر دنيا ڏئي سگھجي.