رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ت?? رياض پهچي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار ??ڻ رياض هوائي اڏي ت?? موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير ع??دالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار ??ارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ع??اءُ الله تارڙ پڻ دوري ت?? وزيراعظم سان گڏ آهن.