اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان انٽرنيشنل اي??ر لائن (پي آءِ اي) جي ترجمان چيو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشن پنهنجي شيڊول موجب جاري آهي، مسافرن کي درخواست آهي ته هو اي??رپورٽ ڏانهن سفر ڪندي متبادل ۽ کليل رستن بابت آگاهي حاصل ڪري گهران نڪرن. ترجمان مختلف شهرن خاص طور تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي رستن جي بندش جي معاملي تي جاري بيان ۾ چيو ته مسافرن کي درخواست آهي ته اڏام جي مناسبت سان مقرر وقت کان گهڻو اڳ اي??رپورٽ روانو ٿين ته جيئن هو وقت سر پهچي وڃن.ترجمان چيو ته رش ۽ اڏام نڪري وڃڻ جي پريشاني کان بچڻ لاءِ وقت ڪڍي جلد?? ايئرپورٽ ڏانهن رخ ڪرڻ به??ر آهي. پنهنجي اڏامن بابت وقت سر معلومات يا بڪنگ جي تبديلي لاءِ پي آءِ سي جي ڪال سينٽر 786 786 111 تي رابطو ڪن.