ڪراچي -23 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪس??ان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون عوام سميت پوري پاڪستاني قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته ملڪ جي وحدت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي روايتن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ وڏي اهميت لائق آهي، اڄ جو ثقافتي ڏينهن اسان ??ي پشتون قوم جي تاريخ، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏياري ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان ??ي پشتون روايتن کي عزت ۽ وقار سان ??رپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، پشتون روايتن ۾ مهمان نوازي، وفاداري، ۽ انصاف جو اصول اسان سڀني لاءِ باعث تحريڪ آهي، اسان ??ي انهن اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ سمورن نسلي گروهن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ تي فخ?? هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا نوجوان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث کي اڳيان وڌائين ته جيئن شاندار روايتون ۽ ڀرپور ورثو زنده رهي، پاڪس??ان جي سمورن ثقافتن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کڻنداسين، اسان ??ي هڪ ترقي پسند، جمهو??يت پسند ۽ پرامن قوم جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.