اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي وي جي اينڪر جي حوا??ي سان حنيف عباسي جو بيان حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، گهٽ ريٽنگ ۽ خساري وارا سمورا شوز بند ڪيا ويا آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پي ٽي وي جي اينڪر جي حوا??ي سان منهنجي ڀاءُ حنيف عباسي جو بيان حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، گهٽ ريٽنگ ۽ خساري وارا سمورا شوز بند ڪيا ويا آهن، سفارشين کي عزت سان رخصت ڪيو ويو آهي ۽ پرائيويٽ چينلز جي لاءِ سٺي ريٽنگ وارن اينڪرز کي موقعو ڏنو ويو آهي. حنيف عباسي سفارشين جي ڳالهه ڪئي جن ??ا شوز بند ڪيا ويا آهن.