اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مهانگائي جي شرح هڪ انگ تائين پهچ?? وئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ??خت?? مينگل جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙ?? وئي آهي، ڪميٽي ??خت?? مينگل سان ملاقات ڪري معاملي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن اسد نيازي، جنيد اڪبر، شير افضل ۽ ٻين جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي امين خان سان طئي ٿيو هو ته جتي توهان جا خدشا هوندا ويهي انهن کي حل ڪنداسين، خيبرپختونخواهه صوبي تي تمام گهڻو مان آهي، جيترا پڙهيل لکيل ماڻهو خيبرپختونخواهه صوبي مان اچي رهيا آهن اهي ڪنهن ٻئي صوبي مان نه اچي رهيا آهن، فيڊرز کي بند ڪرڻ کان اڳ بهتر آهي ته اسان سان ڳالهه ڪري وٺو. هن چيو ته لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻون ته لوڊشيڊنگ زيرو ٿي ويندي. بلوچستان جي اڳواڻ ??خت?? مينگل جي حوالي سان هن چيو ته ??خت?? مينگل جي معاملو افهام تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ??خت?? مينگل جي گذريل ڏينهن اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙ?? وئي آهي، اها ڪميٽي ??خت?? مينگل سان ملاقات ڪري معاملي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. هن چيو ته ??خت?? مينگل ۽ سندس والد جي بلوچستان ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن جن کي اسان سڀ تسليم ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي شرح هڪ انگ تي پهچ?? وئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، واپاري خساري ۾ نمايان گهٽتائ?? اچي رهي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪي معيشت ??ي مشڪلاتن مان ڪڍي رهي آهي، ملڪي معيشت ??ي ڊيفالٽ ٿيڻ تان واپس ٽريڪ تي آندو آهي. هن چيو ته اسان جا واپاري انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، ايف بي آر جا هدف به حاصل ٿيندا.